سبزل ڪوٽ

سبزل ڪوٽ: سبزل ڪوٽ وارو علائقو پهريائين بهاولپور جي نواب محمد صادق جي هٿ هيٺ هو، جنهن جي دٻاءُ سبب مير غلام علي خان (1802ع-1812ع) سندس خلاف لشڪر چاڙهي موڪليو ۽ نواب جي فوج کي شڪست آئي. ان بعد صلح جي عهد نامي موجب سبزل ڪوٽ وارو علائقو مير صاحب کي مليو. سبزل ڪوٽ يا ڪوٽ سبزل اوٻاوڙي کان اٽڪل ڏهه ٻارنهن ميل اوڀر طرف ملتان ڏانهن ويندڙ پڪي شاهراهه تي هيئنر هڪ وسندڙ ڳوٺ آهي، جتي ڪچي مٽيءَ جو جھونو ڪوٽ خسته حالت ۾ اڃا تائين موجود آهي. (حوالو: ’ڪليات حمل‘)


لفظ سبزل ڪوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو